حمزه علوي

حمزه علوي: پاڪستان جي مشهور تاريخ نويس ۽ دانشور حمزه علوي جو جنم، 10 اپريل 1921ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، ڊي. جي. ڪاليج ڪراچي، واڊيا ڪاليج پونا ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. هن ايم. اي (معاشيات) مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ڪئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ هو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان واڳيل رهيو. 1950ع ۾ انگلنڊ هليو ويو، جتي تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، لاس اينجلس، يونيورسٽي آف ڊينيور، يونيورسٽي آف ليڊرز، يونيورسٽي آف ملائيشيا، ڪولا لمپور ۽ مشي گن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو. 1968ع کان 1969ع دوران هن پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ اينٿراپالاجي فيلڊ ۾ ريسرچ ڪئي. 1971ع کان 1985ع تائين جرنل آف ڪنٽيمپرري ايشيا جي ادارتي بورڊ جو باني رڪن رهيو. ان دوران جنرل آف پيزنٽ اسٽڊيز ۽ پاڪستان ٽوڊي سان به لاڳاپيل رهيو. هن قديم آثارن، تاريخ ۽ مارڪسي نظريي جي موضوعن تي اخبارن ۾ ڪيترا ڪالم لکيا. سندس ٻه ڪتاب (1) ’جاگيرداري سماج اور پاڪستان‘ ۽ (2) ’رياست ڪا بحران‘ شايع ٿيل آهن. هن پهرين ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.


لفظ حمزه علويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.04.10  عيسوي

پاڪستان جي مشهور تاريخ نويس ۽ دانشور حمزه علوي جو جنم، 10 اپريل 1921ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.


2003.12.01  عيسوي

حمزه علوي پهرين ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بصرالدين سيوهاڻي حڪيم
حامد الله ٻيلوي مولانا
عطا محمد خان ٽالپر مير
ريجھو مل لاهوري
ڀڳت واڌورام
ڄام جکرو ڳهڙ راءُ
دائود سهتو
اياز شاهه
سليمان راڄڙ خليفو
پير محمد لکوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون